ديوان مراد

ديوان مراد (ڪتاب): ’ديوان مراد‘ سنڌ جي ٽالپر گھراڻي جي حڪمران مير مراد علي خان ٽالپر ’مراد‘ جي فارسي غزلن جو مجموعو آهي. مير مراد علي خان ٽالپر اڪثر غزل پنهنجي ڀاءُ مير ڪرم علي خان ٽالپر جي غزلن تي تتبع طور چيا آهن. هنن ٻنهي حاڪمن جي غزلن جي تتبع تي آخوند نور محمد بوبڪائي، مائل ٺٽوي، منشي صاحبراءِ آزاد، حشمت راءِ، ديوان ميٺارام مسرور ۽ ٻيا درٻاري شاعر غزل چئي انعام ۽ اڪرام حاصل ڪندا هئا.
مير مراد علي خان ٽالپر وٽ هڪ جڙائو سونو ديوان حافظ جو نسخو به هوندو هو، جنهن ۾ ديوان مان فال ڪڍڻ جو نسخو به ڄاڻايل هو. مير صاحب اڪثر انهيءَ مان فال ڪڍندو هو. سندس شاعريءَ تي حافظ شيرازيءَ جو رنگ غالب آهي. ’ديوان مراد‘ ۾ فارسي غزلن جو تعداد 150 آهي، جيڪي الف- ب وار رديفن سان آهن. ’ديوان مراد‘ جو قلمي نسخو سندس اولاد وٽ موجود آهي، پر تازو تهران مان مرزا خسرو بيگ جو هڪ ناياب ڪتاب ’محڪ خسروي‘ شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ ٻين شاعرن سان گڏ مير مراد علي خان جا به 35 غزل شايع ٿيل آهن، جيڪي ’ديوان مراد‘ مان کنيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو